اسلام ڪيئن شروع ٿيو؟

اسلام ڪيئن شروع ٿيو؟(ڪتاب): سنڌي ۽ اردو ٻولين جي بزرگ اديب ۽ نئين زندگي رسالي جي باني ايڊيٽر مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جي اردوءَ ۾ لکيل ڪتاب جو ”اسلام ڪيئن شروع ٿيو؟“ عنوان سان سنڌيءَ ۾ ترجمو شبانه سولنگيءَ ڪيو آهي. ڊيمي سائيز جي 96 صفحن تي مشتمل ڪتاب جو پهريون ڇاپو، 1998ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1999ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊميءَ، آزاد ڪميونيڪيشنز ڪراچيءَ پاران ڇپي پڌرو ڪيو. هن مختصر ڪتاب جي قيمت 25 رپيا آهي. هن ڪتاب ۾ اسلام ڇا آهي، اسلام جو پيغام آڻيندڙ آخري رسول صلي الله عليه وسلم،سندن اسوه حسنه، اسلام جي پکيڙڻ دوران پيش آيل تڪليفن، رسول پاڪ جي مڪي ۽ مدني زندگي، جنگين ۽ اسلام جي فروغ ۾ ادا ڪيل ڪردار کان وٺي آخري حج تائين جو سمورو ذڪر موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو